ڀڳت سنگھه کي ڦاسي

ڀڳت سنگھه کي ڦاسي (ڪتاب ): شيخ اياز جي هن ”منظوم ناٽڪ“ ۾ ڀڳت سنگهه، سکديو ۽ ساٿين جي انقلابي جدوجهد کي ”سنگيت ناٽڪ“ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ قليچ بيگ ۽ ارجن شاد جي سنگيت ناٽڪن کان پوءِ هي جديد سنڌي شاعريءَ جو بهترين سنگيت ناٽڪ آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ نامياري اديب رشيد ڀٽيءَ جو لکيل آهي. نيو فيلڊس حيدرآباد پاران هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو آگسٽ 1986ع ۽ ٻيو ڇاپو سيپٽمبر 1987ع ۾ شايع ڪيو ويو. ڪچي جلد سان، 70 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 15 روپيا آهي. هن ڪتاب جا ٻه ٻيا ڇاپا سنڌي ساهت گهر حيدرآباد به ڇپايا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو